Microsoft خدمتن جي معاهدي ۾ تبديلين جو خلاصو – سيپٽمبر 30، 2024
اسان Microsoft خدمتن جي معاهدي کي اپڊيٽ ڪري رهيا آهيون، جيڪو Microsoft ڪنزيومر آن لائن پروڊڪٽس ۽ خدمتن جي توهانجي استعمال تي لاڳو ٿئي ٿو. هي صفحو Microsoft خدمتن جي معاهدي ۾ تمام اهم تبديلين جو خلاصو پيش ڪري ٿو.
سڀئي تبديليون ڏسڻ لاءِ، مهرباني ڪري هتي مڪمل Microsoft خدمتن جو معاهدو پڙهو.
- هيڊر ۾، اسان شایع ٿيڻ جي تاريخ کي جولاءِ 30، 2024 ڏانهن اپڊيٽ ڪيو آهي، ۽ مؤثر تاريخ سيپٽمبر 30، 2024 تائين.
- خدمتون ۽ معاونت استعمال ڪرڻ جي سيڪشن ۾، اعتدال ۽ نفاذ جي سيڪشن ۾ صارفين جي صفائي ۽ آساني لاءِ اسان پنهنجي ٻاهريئن پاليسي صفحي ڏانهن هڪ لنڪ شامل ڪئي آهي.
- مخصوص خدمتن جا شرط واري سيڪشن ۾، اسان ھيٺيان اضافا ۽ تبديليون ڪيون:
- Xbox سيڪشن ۾ اسان واضع ڪيو آهي ته غير Xbox ٽيئن پارٽي فارمولا کي Xbox گيم اسٽوڊيو ٽائٽلز هلائڻ لاءِ صارفين کي پنهنجي مواد ۽ ڊيٽا جي حصيداري ڪرڻ جي ضرورت پئلي سگهي ٿي ۽ اهي ٽيئن پارٽي پليٽ فارم پنهنجي شرطن سان گڏ، توهانجي ڊيٽا کي ٽريڪ ۽ حصيداري ڪري سگهن ٿا. اسان Xbox ۾ ٻار سب سيڪشن ۾ وضاحت ڪئي آهي ته جڏهن ٽيئن پارٽي پليٽ فارمن تي Xbox گيم اسٽوڊيو ٽائٽلز تائين رسائي ڪئي وڃي ٿي ته فيملي سيٽنگ جون خاصيتون دستياب نه هونديون. اسان وضاحت ڪئي ته ڪجھ Xbox خدمتن کي پنهنجيون استعمال جون شرطون ۽ ضابطا اخلاق ٿي سگهن ٿا.
- Microsoft خانداني فيچرز سيڪشن ۾، اسان واضع ڪيو ته هي فيچر صرف Microsoft سروسز جي لاءِ آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ٻين پليٽ فارمن تي دستياب نه هجن.
- Microsoft ڪيش بيڪ: اسان پروگرام کي بيان ڪرڻ ۽ ان ڳالهه جي تصديق ڪرڻ لاءِ ته پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪيش بيڪ جي شرطن ۽ ظابطن کي قبول ڪرڻ ضروري آهي.
- Microsoft Rewards سيڪشن ۾، اسان Rewards ڊيش بورڊ پ پوائنٽن جو دعوي ڪرڻ جو طريقو وقضع ڪرڻ لاءِ لفظي معني شامل ڪئي آهي ۽ اهو ته پوائنٽون صرف ان تلاشن لاءِ ڏنيون وينديون جيڪي حقيقي نيڪ نيتي سان ذاتي تحقيق جي مقصدن لاءِ استعمال ٿينديون آهن.
- اسان انهن شرطن ۽ ضابطن جي تصديق جي لاءِ هڪ شيڪشن شامل ڪيو آهي جيڪو Copilot AI Experiences سروسز جي استعمال کي ڪنٽرول ڪنديون آهن.
- اسان معاون AI، مواد جي ملڪيت، مواد جي سندن، ۽ ٽيئن پارٽي جي دعوائن جي باري ۾ وضاحت شامل ڪرڻ لاءِ AI خدمتون جو سيڪشن اپڊيٽ ڪيو آهي.
- سمورين شرطن ۾، وضاحت کي بھتر ڪرڻ ۽ گرامر، ٽائيپ جي غلطين ۽ ٻين ساڳين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان تبديليون ڪيون آھن. اسان نالا ۽ هائپر لنڪس کي پڻ اپڊيٽ ڪيو آهي.